اسانجي باري ۾
عيسائي مقدس ڪتاب تاريخ ۽ پيشن گوئي ٻنھي جي باري ۾ اسان کي ٻڌائي ٿو. ھي اسان کي ٻڌائي ٿو تہ پھرين ڇا ٿيو ھو ۽ جلد ڇا ٿيڻو آھي. ھڪ حيرت انگيز اڳڪٿي ۾، اسان دنيا جي تباھي کان پھرين جي آگاهي جو آخري پيغام پڙھي سگهون ٿا.
مقشفي 14 ۾ ٽن فرشتن طرفان سمجهايل آھي تہ ھي چتاوڻي جو پيغام ٽن ڀاڱن ۾ ورھايل آھي. تنھن مان ھر ھڪ چتاوڻي جو سڄي دنيا کي ٻڌڻ تمام ضروري آھي.
پھريون فرشتو اسان کي ٻڌائي ٿو تہ ان خالق حقيقي خداوند جي عبادت ڪريون جنھن بھشت، زمين، ۽ سمنڊ خلقيا. اسان لازمي ان مالڪ جي عبادت ڪريون ڇاڪاڻ تہ انجي حساب ڪتاب جو وقت اچي چڪو آهي. پھريون فرشتو اسان کي ٻڌائي ٿو تہ ڪيئن اسان پنهنجي خداوند کي سمجهون تہ جيئن آخرت جي عذاب کان بچڻ جي تياري ڪريون.
ٻيو فرشتو دنيا جي پڇاڙيءَ جي دؤر ۾ دين جي انڪاري بابت آگاھي ڏئي ٿو. اسان کي حڪم ڏنو ويو آھي تہ ان مذھبي نظامن مان 'ٻاھر نڪري اچو' جيڪي خداوند ۽ ان جي نازل ڪيل ڪلام جو مان نٿا ڪن.
ٽيو فرشتو اسان کي آگاھي ڏئي ٿو تہ شيطان خداوند ۽ ان جي ماڻهن جي خلاف هڪ آخري حملو انڪاري مذھبي نظام ذريعي ڪندو. چيو ويندو تہ جيڪو شيطان جي پوئيواري ڪندو ان تي "نشاني" رکي ويندي، ۽ جيڪو پنھنجي خداوند سان سچو رھندو تنھن کي ختم ڪيو ويندو. پر جنھن تي ھي شيطاني نشاني رکي ويندي ان تي خداوند پنھنجو ڏمر نازل ڪندو. ۽ جيڪي خداوند جا ماڻهو آھن ۽ ان جي اطاعت ڪن ٿا انھن کي تباھ ٿيندڙ گرہ تان بہ بچايو ويندو. ھو بھشت ۾ ويندا ۽ خدا کي قامل دنيا کي ٻيھر تخليق ڪندي ڏسندا.
اسان جي نيوزليٽر لاءِ سائين اپ ڪريو
تازي اشاعتون ڪڏھن دستياب آھن، اھو ڄاڻڻ وارا پهريان فرد ٿيو!
