
پنهنجي پاڻ لاءِ ڪيئن سوچجي
خلاصو
خداوند جي پيغمبرن ھڪ خطرناڪ ڌرمي طاقت جي اڳڪٿي ڪئي ھئي جيڪا علامتي ڪوڊ نالي "بابل." بيان ڪئي وئي آھي. ھِن اڳڪٿي جي مطابق، ھي طاقت اسان کي باطل عبادت ڏاھن ڌڪن جي ڪوشش ڪندي. فقط ھڪ طريقو جنھن مان اسان تحفظ وٺي سگهون ٿا اھو ھي آھي تہ پھنجي پاڻ لاءِ سوچجي ۽ خدا جي نازل ڪيل ڪلام سان وفاداري برقرار رکجي. ھي پمفليٽ اسان کي ٻڌائي ٿو تہ اسان کي پھنجي دماغ جو استعمال ڪيئن ڪرڻ گهرجي تہ جيئن عالمي ھنگامي دوران اسان سياڻا ۽ ھوشيار مومن ٿيون.
قسم
Tract
ناشر
Sharing Hope Publications
دستياب
46 ٻوليون
صفحا
6
هڪ ڊگھي پنڌ کانپوءِ اسان گُننگ داتوڪ جي چوٽيءَ تي پهتا هئاسين. مان پنهنجي نئين دوست ادزاڪ سان، نظاري جو مزو وٺڻ لاءِ، هيٺ ويهي رهيس. ڪجه ئي دير ۾، اسان جو ڳالهيون مذهبي مسئلن تي اچي ويون.
” آءُ هڪ آزاد خيال شخص آهيان، “ ادزاڪ دعويٰ ڪئي. ” دنيا جي باري ۾ منهنجا پنهنجا خيال آهن. “
” بلڪل “ مون وراڻيو. ” مون ڪيترن ئي ملائشيائي نوجوانن بابت ٻڌو آهي جيڪي آزاد خيال طور سڃاتا وڃن ٿا. “
ادزاڪ وڏو ٽهڪ ڏنو. ” اسان کي پنهنجو پاڻ لاءِ سوچڻ گهرجي. نہ تہ ان سلسلي ۾ تمام گهڻو مونجهارو ٿي پوندو. اهو توهان کي چريو ڪري ڇڏيندو. “
” پر جڏهن تون پنهنجي گهر واپس موٽي ويندين تہ پوءِ ڇا ٿيندو؟ “ مون پڇيو. ” هتي ملائيشيا ۾ تمام گهڻا نوجوان پنهنجو پاڻ کي آزاد خيال سڏين ٿا پر گهر پهچڻ کانپوءِ توهان کي اسلامي يا ٻڌمت جي رسمن تي هلڻو پوي ٿو. مون پڇيو، تون پنهنجي والدين کي ڇا چوندين؟ “
” مان انهن کي نہ ٻڌائيندو آهيان، “ ادزاڪ جواب ڏنو. ” کين جيڪو بہ گھرجي سو مڃي وٺندو آهيان. مان آزادي سان سوچي سگھان ٿو، پر لازمي آهي تہ مان انهيءَ کي پاڻ تائين رکان. “
ڇا آزاد خيالي اهم آهي؟
دنيا جا ڪجھ حصن ۾، غلط عقيدو رکڻ تي توهان پنهنجي برادري کان جلاوطن ٿي سگھو ٿا، نوڪري مان خارج ٿي سگھو ٿا، ايستائين جو مارجي بہ سگهو ٿا. پنهنجو پاڻ لاءِ سوچڻ خطرناڪ ٿي سگھي ٿو. پر ڇا اهو اهم آهي؟
اسان جي دنيا سٺن خيالن ۽ خراب خيالن سان ڀرپور آهي. خراب مان سٺي کي ڌار ڪرڻ جو هڪ اهم طريقو هي آهي تہ انهن بابت ڳالھ ٻولھ ۽ سوچ ويچار ڪجي. جيڪڏهن توهان ڪا مهانگي شيءِ خريد ڪريو ٿا، جيئن سون، زعفران يا ڪو آءِ فون، تہ توهان ائين نہ ڪندا آهيو جو وڃي پئسا ادا ڪريو ۽ اها گھر کڻي هليا وڃو. توهان انهي جي چڪاس ڪندا ۽ اها خاطري ڪرڻ تہ توهان کي واقعي بهترين معيار جي شيءِ ملي آهي، انهي کي ٻين مقابلي ڪندڙن جي مصنوعات سان ڀيٽي ڏسنداؤ تہ سٺي سگهو. خيالن سان بہ ساڳي طرح هَلجي.
دنيا ۾ تمام گھڻو مونجهارو آهي، ۽ جڏهن ماڻهو، سماج مٿان پنهنجا نظريا زوري مسلط ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن تہ اهو مونجهارو وڌيڪ بدتر ٿي وڃي ٿو. اچو تہ توهان کي هڪ اهم پيشگوئي بابت ٻڌايان. هڪ تمام پراڻي ڪتاب، ” حضرت عيسيٰ جي وحي “۾ هڪ پيشگوئي اهڙن ماڻهن بابت ٻڌايل آهي جيڪي پنهنجا منجهيل مذهبي خيال ٻين مٿان زوري مسلط ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. انهي ۾ چيل آهي، ” بابل برباد ٿيل آهي، مڪمل برباد ٿيل آهي، اهو عظيم شهر، ڇاڪاڻ تہ هن سمورين قومن کي پنهنجي زناڪاري جي عذاب جو شراب پياريو “ (مڪاشفو 8:14) .
اهي علامتي لفظ سمجھڻ ڏکيا ناهن. بابل هڪ مشهور قديم شهر هو، پر انهي جي نالي جي معنيٰ آهي” مونجهارو.“ شهر کي” تباھ “لکيو ويو، انهي ڪري نہ تہ اهو منجهيل آهي پر ڇاڪاڻ تہ اهو پنهنجي مونجهاري کي پوئتي نٿو ڇڏڻ گھري. هن قومن کي ورغلايو کين پنهنجي روحاني زنا ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني—يعني تہ، سچي ۽ ڪوڙي عبادت کي گڏائي خدا کي ڌوڪو ڏيڻ. اِهي جعلي خيال عام رواجي بنجي وڃن ٿا ۽ قبول ڪيا وڃن ٿا. ” بابل “بابت هي اڳڪٿي، انهي عالمي روحاني وجود ڏانهن اشارو ڪري ٿي جيڪا روحاني غلطي کي نہ صرف عام رواجي بنائي ٿي پر انت ۾ انهي کي اهڙن ماڻهن مٿان بہ مسلط ڪندي جيڪي سچائي کي پڪڙيو بيٺا آهن.
حضرت عيسيٰ جي وحي ۾ اها پيشن گوئي ٿيل آهي تہ اسانجن دؤر ۾ ائين ٿيندو. شايد توهان اڳيئي ائين ٿيندي ڏٺو هجي. ڇا ڪي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي باطل خيالن سان خدا جي ترجماني ڪن ٿا؟ ڇا توهان پنهنجي ضمير کي بيچين محسوس ڪيو آهي؟
هائو، تنهنڪري ئي تہ آزاد خيالي اهم آهي.
پنهنجي پاڻ لاءِ ڪيئن سوچجي
اڪثر ماڻهو پنهنجي علائقي جي مذهب جي پوئواري ڪرڻ ۾ خوش آهن. اُهي پنهنجن عقيدن تي غور ناهن ڪندا. اُهي اهڙين مذهبي روايتن جا پوئلڳ آهن جن جو ڪو مطلب نٿو نڪري يا جن سان ڪنهن چڱائي بدران ويتر نقصان ٿئي ٿو. ايستائين جو ڪڏهن، مذهبي اڳواڻ، جن مان اميد رکجي ٿي تہ اسان کي خدا واري سنئين واٽ ڏيکاريندا، سي پاڻ بڇڙاين سان ڀريل هوندا آهن.
اسان سچائي کي ڪيئن ڳولي لهون؟ منهنجي صلاح هي آهي تہ اسانکي پيغمبرن تي اعتبار ڪرڻ گھرجي. ڇو؟ انهي جا ٽي سبب آهن:
1. پيغمبر مستقبل بابت حيرت انگيز ڄاڻ ظاهر ڪن ٿا. حضرت دانيال يورپ جي عروج جي سندس تاريخي حيثيت تي پهچي دنيا کي پنهنجي بيٺڪيت بنائڻ جي پيشگوئي ڪئي هئي. حضرت عيسيٰ (جنهن کي يسوع مسيح طور بہ سڃاتو وڃي ٿو) سن 70 عيسوي ۾ يروشلم جي تباهي جي پيشن گوئي ڪئي هئي. حضرت موسيٰ وقت جي پڇاڙي تائين اسمائيل جي تاريخ جي اڳڪٿي ڪئي ھئي.
2. پيغمبر صحت جي باري ۾ حيران ڪندڙ سائنسي علم ظاهر ڪن ٿا. پيغمبر موسيٰ، جيڪو 500، 3 سال اڳ ٿي گذريو آهي، تنهن وبائي مرضن کان بچڻ لاءِ الڳ ٿلڳ رهڻ، ڪني پاڻي کي محفوظ طريقي سان نيڪال ڪرڻ ۽ شين کي جراثيمن کان پاڪ ڪرڻ جا اصول سمجھايا. هن جانورن جي خلقت کي حلال ۽ حرام ۾ تقسيم ڪيو. ۽ پاڻ اسان کي ٻڌايائون تہ جڏهن اسان حلال گوشت کائون تہ رت ۽ سڻڀ نہ کائون. ايستائين جو اڄ بہ، اهي ماڻھون جيڪي هُن جي غذائي ۽ صحت صفائي جي اصولن جي پوئواري ڪن ٿا سي ٻي عام آبادي کان 15 سال وڌيڪ جيئن ٿا.
3. خدا انهن مومنن جون دعائون اگھائي ٿو جيڪي مٿس ايمان رکن ٿا ۽ جيڪي سندس پيغمبرن تي يقين رکن ٿا.
پيغمبرن جون تحريرون رهنمائي سان ٽمٽار آهن—پر انهن منجهان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ، اسان کي تنقيدي انداز ۾ سوچڻ گھرجي، پنهنجن عقيدن کي آزمائڻ لاءِ، ۽ پنهنجي عقيدي جي ثابتي چڪاسڻ لاءِ. سوچڻ، حقيقي مذهب جو هڪ اهم حصو آهي.
هاڻي، ڇا ٿيندو آهي جڏهن اسان جڏهن ڪنھن غلطي جي جاچ ڪندا آهيون؟ شروع ۾ اها متان سچي نظر اچي. پر اسان جيئن ثبوت جي ڳولا ڪندا وڃون ٿا، اسان مسئلن کي هڪ خيال سان ڏسڻ شروع ڪندا آهيون.
سچائي فقط انهي جي ابتڙ آهي. جڏهن انهي کي ڌيان سان چڪاسجي ٿو تہ انهي مان ڪا بہ شيءِ گنوائجي نٿي ٿئي. جيتري گھڻي جاچ ڪنداسين، اوتري وڌيڪ سچائي اسانکي نظر ايندي.
مومنن کي دنيا ۾ ڏاهي مان ڏاهو شخص هئڻ گھرجي ڇاڪاڻ تہ خدا تعاليٰ ڏاهپ جي رستي ۾ اسانجي رهنمائي ڪري ٿو. جيڪڏهن توهان ڪنهن اهڙي صورتحال ۾ آهيو جتي توهان کي آزادي سان سوچڻ جي يا سوال پڇڻ جي اجازت ناهي، تہ اها خدا طرفان ناهي. هو اسانکي گهري تحقيق ڪرڻ جي دعوت ڏئي ٿو ڇاڪاڻ تہ سچائي ايتري تہ طاقتور آهي جو جاچ پڙتال جي سامهون بيهي سگھي ٿي. پر بابل توهان کي ڪوڙي سنسار ڏي گمراه ڪري ٿو ۽ ذهني جدوجهد جا در بند رکي توهان کي اتي ئي رکي ٿو.
جيڪڏهن توهان ايڏا تہ منجھي پيا آهيو جو توهان کي ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ توهان بابل ۾ هجو، تہ ٻاهر نڪري اچو! خدا جي ڏاهپ واري رستي تي اچو. پنھنجي لاءِ سوچيو ۽ سخت سوال پڇو. توهان نااميد نہ ٿينداؤ.
ڇا توهان حضرت عيسيٰ جي وحي بابت وڌيڪ ڄاڻڻ پسند ڪندا؟ مهرباني ڪري هن ڪاغذ پٺيان ڏنل معلومات تي اسان سان رابطو ڪريو.
Copyright © 2023 by Sharing Hope Publications. هن ڪم کي بنا ڪنهن اجازت وٺڻ جي ڇپائي ۽ ورهائي سگهجي ٿو.آيتون نئين ڪنگ جيمس ورزن( مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل. ڪاپي رائيٽ) 1982 ٿامس نيلسن پاران. اجازت سان استعمال ٿيل. سڀ حق محفوظ آهن.اسان جي نيوزليٽر لاءِ سائين اپ ڪريو
تازي اشاعتون ڪڏھن دستياب آھن، اھو ڄاڻڻ وارا پهريان فرد ٿيو!
