
ڇا توهان ڪنهن معجزي جي انتظار ۾ آهيو؟
خلاصو
خداوند جي پھنجي ماڻھن جي لا۽ معجزا ڪرڻ جي ھڪ عاليشان تاريخ آھي جڏھن بہ انھن کي ان معجزن جي گهڻي ضرورت پئي آھي. انجيل مقدس اسان کي پوري ٿيل اڳڪٿين، شفا بخشيل ماڻھن، ۽ حيرت انگيز واقعن جي باري ۾ ڪيتريون ئي ڪھاڻيون ٻڌئي ٿو جيڪي فقت دعا جي ئي جواب ۾ ملي سگهي ٿو. ھي پمفليٽ ڪيترائي سبب ٻڌائي ٿو تہ ڇو اسان انجيل کي خدا جو اڻ مٽ لفظ جي طور مڃي سگهون ٿا، ۽ اوھان ڪيئن پھنجي معجزي لاءِ خداوند سان رسائي ڪري سگهو ٿا.
قسم
Tract
ناشر
Sharing Hope Publications
دستياب
46 ٻوليون
صفحا
6
گهرڀاتين جو هڪ وڏي قبيلي بهتر زندگي گذارڻ جي اميد ۾ ھڪ نئي ملڪ ڏانھن لڏپلاڻ ڪري وڃڻ جو فيصلو ڪيو. پر بهرحال اهو سفر ڪو ايترو آسان بہ نہ ھو؛ کين هڪ ڊگهي ريگستاني علائقي کي پيرين پنڌ هلي پار ڪرڻو پيو. رستي ۾ ڪيتريون ئي نانگ بلائون، وڇون ۽ تمام گهڻي گرمي ھئي. جيڪڏهن قافلي مان ڪي ڀاتي بيمار يا ڪمزور ٿي پويان رهجي ويا تہ انهن تي ڌاڙيلن حملو ڪيو.
تمام جلد انھن وٽ کاڌي پيتي جي شين جي کوٽ ٿي وئي پر سندن اڳواڻ پريشان ٿيڻ بدران خدا جي آڏو ڪنهن معجزي ڪرڻ لاءِ ٻاڏائڻ شروع ڪيو. ٻئي ڏينهن، جيئن ئي هو ننڊ مان سجاڳ ٿيا تہ کين ڪنهن شئي جا ٽڪرا پيل ڏسڻ ۾ آيا جيڪي پريان کان ڪنهن مانيءَ جا ٽڪرا پئي لڳا، جيڪي سموري ميدان ۾ هيڏانهن هوڏانهن پيا هئا. جڏهن هنن انهن کي کائي ڏٺو تہ کين اُهي ڪافي مزيدار لڳا. ڄڻ تہ ڪي ماکيءَ ۾ ٻڏل بسڪيٽ هجن ۽ اهي ايترا هئا جو سمورن ماڻهن جو پيٽ ڀرڻ لاءِ ڪافي هئا! کين اِهو ريگستاني علائقو پار ڪرڻ ۾ ڪيترائي ڏينهن لڳي ويا ۽ روزانو هُنن لاءِ آسمان مان مانيءَ جا اُهي ٽُڪرا برسات وانگر وسندا رهيا. هنن ڌڻي سائين جا ٿورا مڃيا جنهن سندن حياتيون بچائي ورتيون!
ٿي سگهي ٿو تہ توهان کي اِها ڪهاڻي عجيب لڳي، پر حقيقت بہ ۾ ائين ئي ٿيو هو. هي بہ انهن معجزن مان هڪ آهي جنهن جو ذڪر بائيبل مقدس ۾ پڻ ٿيل آهي جيڪو توهين توريت شريف، زبور شريف ۽ انجيل شريف جي نالن سان سڃاڻيو ٿا. بائيبل مقدس ۾ سوين سچيون ڪهاڻيون لکيل آهن، گهڻيون ڪهاڻيون انهن معجزن بابت آهن جيڪي ڌڻي سائين ماڻهن جي زندگين ۾ ڪيا. اهو اسان جي وقت جو هڪ نهايت ئي اهم ڪتاب آهي، جڏهن تہ ٻين ڪيترن ماڻهن جي حياتيءَ ۾ بہ ڪيترائي ڌار معجزا بہ ٿيا آهن.
نئين دؤر جا معجزا
ويجهن سالن ۾ اسان گهرو جنگيون، ڪيترائي انقلاب، معاشي زوال، بيروزگاري، وچڙندڙ بيماريون ۽ انهن ذريعي ٿيندڙ فوتگين کي پڻ ڏٺو آهي. مون کي اها خبر نہ آهي تہ توهان جي پنهنجي حالت هن وقت ڪهڙي آهي. ٿي سگهي ٿو تہ توهان پنهنجي گهر ۾ ڪنهن مشڪل ۾ هجو. ٿي سگهي ٿو تہ توهان جو ڪو پيارو هن وقت زندگي ۽ موت جي وچ ۾ لٽڪندو هجي. ٿي سگهي ٿو تہ توهان ڪنهن روزگار جي ڳولا ۾ نڪتل هجو.
بهرحال توهان جي ڪهڙي بہ کڻي صورتحال هجي پر خدا تعاليٰ توهان جو خيال رکندڙ آهي ۽ اسين صرف اِها خواهش ڪري سگهون ٿا تہ ھو توهان لاءِ اڄ ئي ڪو معجزو ڪري جيئن هو پراڻي دؤر ۾ معجزا ڏيکاريندو رهيو آهي. جڏهن بہ توهين پاڻ کي ڏکويل محسوس ڪريو تہ بائيبل مقدس جي پڙهڻ سان توهان جي همٿ وڌندي رهندي جيڪو ھڪ معجزن جو ڪتاب آهي.
اسان جي وقت ۾ خدا تعاليٰ جا قول
ڪجه ماڻهو بائيبل مقدس پڙهڻ کان لنوائيندا آهن ڇو تہ انھن ٻڌو آهي تہ اھو ڪتاب ڪنھن نموني بدلجي چڪو آھي. ٿي سگهي ٿو تہ سندن اها غلط فهمي ڪيترن ئي ماڻهن جي زندگي گذارڻ جي طريقن کي ڏسي پئدا ٿي هجي جيڪي بائيبل جي ٻڌايل طورطريقن تي ھلڻ جي دعويٰ ڪن ٿا. ڪڏهن اسين اھو بہ ڏسنداسين آهيون تہ مسيحي شراب پي رهيا آهن، جوا کيڏين پيا، غيرمناسب لباس پائين پيا. سوئر جو گوشت کائين ٿا ۽ ٻين ماڻهن سان نهايت خراب نموني ورتاءُ ڪن ٿا.
پراصل ۾ بائيبل مقدس ۾ اهڙين سمورين غلطين کي ننديو ويوآهي. جڏهن مسيحي خدا تعاليٰ جي نافرماني واري زندگي گذارين ٿا تہ ان سان خدا جي لفظن جي صداقت نٿي بدلجي. حضرت اشعيا لکيو تہ” گاھ سُڪي سگهي ٿو گُل پڻ مُرجھائجي سگهن ٿا پراسان جي خدا جا چيل لفظ سدائين قائم رهندا “(يسعياه 8:40) . ڇا توھان کي ائيھن ٿو لڳي تہ انسانن ۾ اھڙي ڪا طاقت آھي جيڪا خدا تعاليٰ جي چيل لفظن کي بدلائي سگهي ٿي يا اھو ٿي سگهي ٿو تہ اھي خدا جي لفظن کي سمجهي نٿا سگهن ۽ سندن ورتاءٌ پڻ خراب ھجي؟
بائيبل مقدس ۾ اهو ذڪر ڪيل آهي تہ جڏهن حضرت دائود ۽ سندس ماڻهو عهد جي صندوق منتقل ڪري رهيا هئا، تہ اھا ھڪ وڏي سونھري صندوق ھئي جيڪا ڏهن حڪمن تي مشتمل هئي. ڏھہ حڪم جيڪي اخلاقي زندگي گذارڻ لاءِ خدا جا قانون هئا اھي پٿرن جي وڏن ٽڪرن تي لکيل هئا ۽ انھن کي سوني صندوق ۾ رکيو ويو هو. انهيءَ قافلي ۾ هڪ شخص اهڙو هو جنهن ھمت ڪري اُن صندوق تائين پهچي کين ڇُهيو ۽ پوءِ يڪدم ئي ڪري مري ويو هو!
جڏهن خدا ان پاڪ سوني صندوق جنھن ۾ سندس مقدس قول رکيل ھئا انھن کي ڇهڻ لاءِ ڪن گستاخ هٿن کي اجازت نٿو ڏي تہ پوءِ هو ڪنهن اهڙي شيطاني ماڻهو کي اهڙي اجازت ڪيئن ڏيندو تہ اهو قينچي يا ڪنهن قلم سان انهن کي ڪتري يا بدلائي؟ پنهنجي لفظن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ خدا ئي ڪافي آهي.
سچائيءَ سان چوان ٿو تہ، انساني تاريخ ۾ بائيبل مقدس ئي هڪ تمام گهڻو تصديق ٿيل ڪتاب آهي. هيءَ ڪا گهڻي پراڻي ڳاله ڪونهي تہ فلسطين ۾ ٽي رڍون چاريندڙن بدو جن جا نالا محمد ابوزهب، جمع محمد ۽ خليل موسيٰ هئا تن کي اتفاقي طور تي بحر مردار مان ڪي ويڙھوٽا هٿ اچي ويا. اها پراڻن آثارن کي ڳولڻ لاءِ هڪ وڏي ڪاميابي هئي جنهن سان اسان کي موجوده بائيبل جي پراڻي بائيبل جي قلمي نسخن سان ڀيٽڻ جو موقعو مليو جيڪي اٽڪل2,000 سال پراڻا هئا. انهن کي پاڻ ۾ ڀيٽڻ سان هڪ ڀيرو وري اها حقيقت ثابت ٿي ويئي تہ خدا جي وحين کي بدلائي نٿو سگهجي. جيڪڏهن توهان ڪو معجزو ڏسڻ چاهيو ٿا تہ توهين انهيءَ ڳاله جي خاطري ڪري سگهو ٿا تہ بائيبل مقدس ڏسڻ وٽان هڪ اعتبار جوڳو ڪتاب آهي! ان ۾ توهان کي حضرت نوح، حضرت ابراهيم، حضرت يوسف جھڙن پيغمبرن بابت دلچسپ قصا ملندا، حضرت يونس، حضرت دانيال، حضرت دائود ۽ حضرت سليمان سميت ڪيترن نبين بابت پياريون ڪهاڻيون ملنديون. ٿي سگھي ٿو توهان ڪن ٻين جاين تي سندن بابت ٽڪرن ۾ قصا ٻڌا هجن، پر بائيبل مقدس توهان کي سموري ڪهاڻي ٻڌائي ٿو!
اچو ۽ پنهنجو معجزو ڳولھيو
توهان جهڙين بہ حالتن کي منهن ڏيئي رهيا آهيو پر بائيبل مقدس وٽ صرف توهان جي لاءِ معجزي واري هڪ ڪهاڻي موجود آهي:
•ڇا توهان پاڻ يا توهان جي پيارن مان ڪو بيمار آهي؟ تہ پوءِ ان ۾ شام جي هڪ جنرل نعمان، جيڪو ڪوڙھ جي مرض ۾ ورتل هو تنهن جي شفايابي واري معجزي بابت پڙهو.
• ڇا توهان پنهنجي ڪٽنب جي گذر سفر لاءِ پريشان آهيو؟ تہ پوءِ لبنان جي هڪ بيواھ ۽ سندس پٽ بابت پڙهو، جن ڏڪار واري هڪ ڊگهي عرصي دوران بہ رڳو تيل جي هڪ ننڍڙي ڀرڻي ۽ مٺ جيتري اٽي مان پنهنجو وقت ڪاٽيو.
• ڇا توهان جي زندگيءَ کي خطرو آهي؟ تہ پوءِ بادشاھ جي محل ۾ رهندڙ ايٿوپيا جي هڪ غلام عبيد ملڪ بابت پڙهو. جنهن جي جنگ جي زماني ۾ حياتي بچائي ويئي هئي ڇاڪاڻ ته سندس خدا تعاليٰ تي ايمان هو.
• ڇا توهان کي ڪڏهن اهو محسوس ٿيو آھي تہ توهين گهران ڌڪاريل آهيو؟ تہ پوءِ مصر جي هڪ رهواسڻ هيگر بابت پڙهو جنهن خدا تعاليٰ جو معجزو تڏهين ڏٺو جڏهن کيس مسترد ڪيو ويو هو.
• ڇا توهين پنهنجي زندگيءَ جي مسئلن جي ڪري تمام گهڻا پريشان آهيو؟ تہ پوءِ اهو پڙهو جڏهن يسوع مسيح پنهنجو هٿ ڊگھيري هڪ طاقتور طوفان کي روڪي ڇڏيو تہ جيئن سندس شاگرد ڀڳل جهاز مان حفاظت سان بچي نڪري سگهن.
ڪرامتي جوابَ
اسين جيئن ئي بائيبل مقدس پڙهنداسين تہ اسان ۾ اهواعتماد ايندو ويندو تہ اسين سُٺي اميدن سان دعا گهرون. يسوع مسيح چيو تہ” جيڪڏهن اوهين ايمان، آڻيندا تہ جيڪي بہ دعا ۾ گهرندا سو اوهان کي ملي ويندو “(متي 22:21) . جڏهن اسين اهڙن ٻين ماڻهن جون ڪهاڻيون پڙهون ٿا جن کي خدا تعاليٰ جي ذريعي معجزا نصيب ٿيا تہ پوءِ اسان جون دليون بہ انهيءَ اميد کان متاثر ٿين ٿيون تہ اسين بہ پنهنجون درخواستون ان کي ڪريون.
ڇا توهان ڪنهن معجزي جي انتظار ۾ آهيو؟ تہ پوءِ پهرين بائيبل مقدس ۾ ذڪر ڪيل معجزن مان متاثر ٿيو ۽ خدا کي درخواست ڪريو تہ اهڙو ڪو معجزو توھان لاءِ بہ ڪري ڏيکاري. هو يقينن اڄ ئي توهان جو عرض اگهائيندو!
جيڪڏهن توهين بائيبل مقدس جي معجزن بابت وڌيڪ ڪجھ ڄاڻڻ چاهيو ٿا، تہ پوءِ مهرباني ڪري هن صفحي جي پويان ڏنل معلومات ذريعي اسان سان رابطو ڪريو.
Copyright © 2023 by Sharing Hope Publications . هن ڪم کي بنا ڪنهن اجازت وٺڻ جي ڇپائي ۽ ورهائي سگهجي ٿو.آيتون نئين ڪنگ جيمس ورزن® مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل. ڪاپي رائيٽ© 1982 ٿامس نيلسن پاران. اجازت سان استعمال ٿيل. سڀ حق محفوظ آهن.اسان جي نيوزليٽر لاءِ سائين اپ ڪريو
تازي اشاعتون ڪڏھن دستياب آھن، اھو ڄاڻڻ وارا پهريان فرد ٿيو!
