
ھڪ بي آرام دنيا ۾ آرام ڪريو
خلاصو
دٻاءُ ۽ زائد ڪمَ ڪيترن ئي ماڻھن کي وقت کان اڳ قبر حوالي ڪري ڇڏين ٿا. پر تخليق جي دوران، خداوند دٻاءُ جي مسئلي لاءِ ھڪ حل تيار ڪيو: ھڪ آرام ڪرڻ جو ڏيھن. ھن پاڪ ڏيھن کي ھڪ نعمت طور ٺاھيو ويو ھو تہ جيئن انسان پھنجي ڪمن کان آرام ڪري سگھن ۽ خدا سان گڏ وقت گزاري سگهن. بدقسمتيءَ سان، خدا جي ھن حڪم جي باوجود تہ ھن ڏاھڙي کي ياد رکو، تمام ماڻھن ھن خاص ڏھاڙي کي وساري ڇڏيو آھي، ۽ الاجي ڪيترن تہ ان خالق خداوند کي بہ وساري ڇڏيو آھي جيھن انھن کي ھي ڏھاڙو ٺاھي ڏنو.
قسم
Tract
ناشر
Sharing Hope Publications
دستياب
46 ٻوليون
صفحا
6
ميتا دُرن فوت ٿي چڪي ھئي. ھڪ خوش مزاج 24 سالن جي انڊونيشائِي ڪاپي رائيٽر پنهنجي ڊيسڪ تي ڪِري پئي. اھڙو ڇا ٿيو ھو؟
ميتا هڪ اشتهاري اداري ۾ ڪم ڪندي هئي، اتي توقعات وڌيڪ ھيون ۽ ڪم جو بار تمام گهڻو ھو. سندس وفات کان ٿورو اڳ، هن سوشل ميڊيا تي سندس ٿڪاوٽ جي باري ۾ تبصرو ڪيو هو تہ: ” اڄوڪي رات، آئون لڳاتار اٺين ڏينھن پنهنجي آفيس جون چاٻيون کڻيو پئي وڃان.... منهنجي ڪا زندگي ئي نہ رهي آهي. “
هوءَ عام طور تي ڪراٽينگ ڊينگ نالي ڪئفين واري مشروب واپرائيندي هئي جيڪا ريڊ بل جو ايشيائي نمونو هو. سندس آخري آن لائين تبصري ۾ هن چيو تہ” 30 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ جي باوجود آئون اڃان بہ گهڻي مضبوط آهيان “. تنهن کان پوءِ هوءَ پنهنجي ڊيسڪ تي ڪري پيئي ۽ پوءِ ڪڏهن بہ اٿي نہ سگهي.
اھڙو ڇا ٿيو هوندو؟ ميتا، گهڻو ڪم ڪرڻ سبب مري ويئي.
اڄڪلهہ، اسان مان گهڻن جو تمام مصروفيت وارو شيڊول ھوندو آهي. معاشرو چاهي ٿو تہ اسين وڌيڪ ڪم ڪريون، وڌيڪ ڪمايون ۽ وڌيڪ خريداري ڪريون. اسين ذهني دٻاءُ، اوجاڳي ۽ دماغي ٿڪاوٽ جو شڪار ٿيندا پيا وڃون.
اسين نہ رڳو ميتا دران وانگر پنهنجو پاڻ کي ماري رهيا آهيون پر حياتي بہ اسان جي مٿان وڏو بار بنجي وئي آهي. ڇا خدا تعاليٰ اسان لاءِ اھو ئي چاھيو آھي؟ هو ته اسان کي سڪون ڏيندڙ آهي. ڇا جڏهن اسين تمام گهڻو ڪم ڪندا آھيون، تہ اسين پنهنجو پاڻ کي پرسڪون محسوس ڪندا آھيون؟ بيشڪ ائين نہ آهي.
جيڪڏهن اسين ٿڪجي چور ٿي وينداسين تہ پوءِ ضرور ائين هوندو تہ اسين ڪا اهڙي ڳاله وساري رهيا آهيون جيڪا خدا تعاليٰ اسان کي ياد ڏيارڻ چاهي ٿو. اچو تہ اهو معلوم ڪريون تہ خدا تعاليٰ آرام ڪرڻ لاءِ ڇا فرمايو آهي.
وقفي وارو بٽڻ دٻايو
خدا تعاليٰ نهايت ئي ٻاجهارو ۽ رحم ڪندڙ آهي. کيس خبر هئي ته ڪنهن موبائيل يا ليب ٽاپ ڪمپيوٽر وانگر انسانن کي بہ پنهنجي جسماني، ذهني ۽ روحاني توانائي حاصل ڪرڻ لاءِ ري چارج ٿيڻ جي ضرورت آهي. تنهنڪري پيغمبرموزيز (يعني حضرت موسيٰ) خدا جي حڪم کي لکيو تہ:
اوهين سَبَٿ ملهايو ۽ ان کي رڳو خدا لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. ڇهه ڏينهن اوهين محبت ڪري پنهنجو سڀ ڪاروبار ڪريو. پر ستون ڏينهن آرام جو ڏينهن آهي. جيڪو خداوند اوهان جي خدا لاءِ وقف ٿيل آهي. انهيءَ ڏينهن ڪير بہ ڪم نه ڪندو (انجيل جي پھرين ڀاڱي مان، جنھن کي تورات: خروج: 20: 8–10)
خدا جو اهو اڻ مٽ قانون اسان کي ٻڌائي ٿو تہ ستين ڏينهن کي بہ ياد رکون. دنيا ۾ ڳالهائجندڙ ڪيترين ٻولين مطابق اهو ستون ڏينهن، جنهن کي آرام ڪرڻ لاءِ رکيو ويوآهي تنهن کي” سَبَٿ “سڏيو وڃي ٿو. ڇو ڌڻي سائين اسان کي اِهو ڏينهن ياد رکڻ لاءِ زور ڀري ٿو؟ ڇاڪاڻ تہ هو ڄاڻي ٿو تہ ويسر يا غفلت ڪرڻ انسانن جو هڪ عام مسئلو بنجي ويو آهي جيڪو آدم کان هلندو پيو اچي. اسان کي لازمي طور تي خدا جي ڏنل احڪامن کي نہ وسارڻ کپي. صرف ان لاءِ تہ اسين کيس ۽ سندس احڪامن کي ياد ڪندا رهون جيڪي اسان کي سڌي رستي تي ھلائيندا رھندا.
پرسبٿ ايترو خاص ڇوآهي؟ ڇو تہ ان جي باري ۾ اسان کي خدا تعاليٰ ٻڌائي ٿو تہ،
انهن ڇهن ڏينهن اندر ڌڻي سائين آسمان ۽ زمين، سمنڊ ۽ انهن ۾ جيڪي ڪجهہ بہ آهي تن کي ٺاهيو ۽ ستين ڏينهن آرام ڪيو. تنھنڪري خداوند سبٿ جي ڏينهن کي برڪت ڏني آهي ۽ انهيءَ کي رڳو پنهنجي لاءِ وقف ڪيو آهي (خروج 11:20).
سبت هڪ اهم تاڪيدنامو آهي ته خدا تعاليٰ خليقندڙ آهي. ڪجه ماڻهو اعتراض ڪن ٿا تہ جيئن تہ خدا ٿڪجي نٿو تنهنڪري کيس ستين ڏينهن آرام ڪرڻ جي ڪا بہ ضرورت نہ آهي. پرخدا تعاليٰ ٿڪاوٽ جي ڪري آرام نہ ڪيو؛ هو رڳو پنهنجي تخليقي ڪم ۾ وقفو ڏي ٿو تہ جيئن اسين ان مقدس ڏينهن تي پاڻ بہ آرام ڪري سگهون.
خدا تعاليٰ ڏٺو تہ انسان ذات لاءِ ھڪ آرام وارو ڏينهن رکڻ سٺو آهي. هن ستين ڏينهن آچر کي سبٿ طور رکيو جنهن جو مطلب وقفو يا آرام ڪرڻ آهي. تنهنڪري، هرهفتي جو ستون ڏينهن هڪ خاص ڏينهن آهي تہ جيئن وقفي واري بٽڻ کي دٻائي سگهجي. اسان کي ان ڏينهن تي آرام ڪرڻو آهي ۽ سمورو ڏينهن ڪي بہ نا پاڪ ڪم ڪرڻ کان پرھيز ڪرڻو آهي تہ جيئن خدا جو ذڪر ۽ انجي عبادت ڪريون.
ڇا اها حيراني جي ڳالهه نہ آهي تہ توهان جو باس يا توهان جو پروفيسر توهان کي حڪم ڏي تہ هاڻي وڃي آرام ڪريو؟ پوءِ بہ اھا بلڪل اھا ڳالھہ آھي جنھنجو خدا اسان کي حڪم ڏنو آھي. سڀ تعريف خدا تعاليٰ جي لاءِ آھي! بيشڪ ھو تمام ٻاجهارو آھي!
خدا تعاليٰ جي انهيءَ ڏينهن کي پاڪ رکو
سبٿ سموري دنيا جي ماڻهن لاءِ هڪ عالمي مقدس ڏينهن آهي. ھن ڏينھن کي يهودين، مسيحين، مسلمانن، ٻڌن يا هندن جي وجود کان گهڻو اڳ، هڪ حقيقي خالق خدا تي توحيد پسند مؤمنن لاءِ رکيو ويو هو. اصل ۾، جڏهن دنيا خلقي پئي وئي تہ اهو ڏينهن سمورن انسانن جي آرام لاءِ رکيو ويو هو. حضرت آدم ۽ ايو (جن کي حوا نالي سان بہ سڃاتو وڃي ٿو) بہ سبٿ کي قائم رکيو، ۽ خدا اسان کي ڪڏهن به انهيءَ ڳالهه جي اجازت نہ ٿو ڏي تہ هو اسان کي جنهن ڳالهه ڪرڻ لاءِ چوي ٿو تنهن کي وساري ڇڏيون.
پر بدقسمتي سان سبٿ واري انهيءَ ڏينهن کي اڪثر ڪري وساريو وڃي ٿو. قديم يهودين جي وقت ۾ سمورن نبين خبردار ڪيو هو تہ جيڪڏهن ھو سبٿ واري ڏينهن کي وساريندا تہ خداوند کين فنا ڪري ڇڏيندو. پرانهن انهيءَ چتاءُ تي ڪو ڌيان نہ ڏنو تنهن ڪري يروشلم کي تباه ڪيو ويو ۽ سندن ڪٽنبن کي قيد ۾ آندو ويو. مسيحين بہ خدا جي هدايتن جي برخلاف سندن مقدس ڏينهن سڀٿ کي بدلائي آچر ڪري ڇڏيو. مسلمان جمعي جي ڏينهن عبادت ڪندا آهن، پر انهن بہ اهو وساري ڇڏيو آهي تہ ستين ڏينهن تي آرام ڪري پنهنجي خلقيندڙ طرفان ڏنل آرام ڪرڻ وارين هدايتن تي عمل ڪريون.
ائين ڇو ٿو لڳي تہ سموري دنيا انهيءَ اهم ڏينهن کي وساريندي پيئي وڃي؟ ڇا انهيءَ وڏي پيماني تي وسارڻ واري عادت هڪ تمام وڏو گناه ڪرڻ نہ آهي؟
يسوع مسيح (حضرت عيسيٰ) اسان کي وڏي عالمي طاقت بابت اڳ ۾ ئي خبردار ڪيو هو تہ شيطان اسان جي ذهنن کي پنهنجي تخليق ڪندڙ کان هٽائڻ لاءِ سمورا طريقا استعمال ڪندو. لکين ماڻهن هڪ ڪوڙي سڀٿ جي لاءِ عبادت گاهن ۾ ويندا. جيڪڏهن شيطان اسان کي پنهنجي خلقيندڙ جو ڏينهن وسارائي سگهي ٿو تہ کيس اها اميد آهي تہ ڪنهن ڏينهن اسين پنهنجي خلقيندڙ کي پاڻ ئي وساري ڇڏينداسين. تنهن هوندي بہ، جڏهن اسين پنهنجي سچي سڀٿ تي قائم رهون ٿا تہ پوءِ اسين ان وقت پنهنجي خلقيندڙ سان سچي وفاداري ظاهر ڪريون ٿا ۽ تمام آسائش ۽ سڪون جو مزو وٺون ٿا.
خدا جي آرام ۾ داخل ٿيڻ
حضرت موسيٰ لکيوآهي تہ” هن ستين ڏينهن کي برڪت ڏني ۽ انهيءَ کي پاڪ ٺهرايائين “ (پيدائش3:2) . ڇا توهين ٿڪجي پيا آهيو ۽ بلڪل ٿڪيل ٽٽل آهيو؟ سڀٿ ۾ خدا جون رحمتون شامل آهن!
ميتا دُران، جيڪا انڊونيشيا جي هڪ ڪاپي رائٽر هئي گهڻو ڪم ڪرڻ سبب مري وئي—پر توهين ائين نہ ڪريو. خدا توھان کي دعوت ڏي ٿو تہ توھين هر هفتي پنهنجو پورهيو ڪرڻ کان پوءِ آرام ڪريو ۽ سبت جي تجربي مان فائدو حاصل ڪريو.
جيڪڏهن توهين اهو ڄاڻڻ چاهيو ٿا تہ خدا اسان کي ڪيئن آرام، سڪون، ۽ شفا بخشي ٿو تہ پوءِ مهرباني ڪري ھن صفحي جي پويان ڏنل معلومات ذريعي اسان سان رابطو ڪريو.
Copyright © 2023 by Sharing Hope Publications. هن ڪم کي بنا ڪنهن اجازت وٺڻ جي ڇپائي ۽ ورهائي سگهجي ٿو.آيتون نئين ڪنگ جيمس ورزن® مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل. ڪاپي رائيٽ© 1982 ٿامس نيلسن پاران. اجازت سان استعمال ٿيل. سڀ حق محفوظ آهن.اسان جي نيوزليٽر لاءِ سائين اپ ڪريو
تازي اشاعتون ڪڏھن دستياب آھن، اھو ڄاڻڻ وارا پهريان فرد ٿيو!
