رحم جي تمنّا

رحم جي تمنّا

خلاصو

خدا جو رحم ڪيئن ھوندو آھي؟ ڇا ھو فقط ايترو چوندو آھي، "آئون توھان کي معاف ڪريان ٿو، "يا ھو اسان جي ڪرتوتن کي پاڪ ڪرڻ لاءِ ڪو متبادل فراھم ڪري ٿو؟ ھي پمفليٽ عيوضي قرباني جي ضرورت ۽ ان جو مطلب سمجهڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ ھڪ مقامي ڪھاڻي ونڊي ٿو. پڙھندڙن کي ھي ٻڌي اميد ملندي تہ انھن جا غناھ بخشجي سگهن ٿا ۽ انھن جي شرمساري ختم ٿي سگهي ٿي.

قسم

Tract

ناشر

Sharing Hope Publications

دستياب

46 ٻوليون

صفحا

6

ڊائون لوڊ

فاطمہ عيد الضحيٰ جي موقعي تي بلڪل اڪيلي هئي، ۽ سندس اِها تنھائي ائين پئي لڳي تہ ڄڻ هو گهڻي وقت تائين ان کي برداشت ڪري نہ سگهندي. سندس اڪيلائي ھُن جي پنهنجي ئي غلطيءَ جي ڪري هئي، ڇا ائين نہ ھو؟

فاطمہ کي ياد آيو تہ احمد سان شادي ڪرڻ لاءِ هن ڪيئن نہ پنهنجي پيءُ سان تکي نموني بحث ڪيو هو. هوءَ جوان جمان هئي ۽ ان جي پيار۾ ڦاٿل هئي. سندس پيءُ ڪيئن ٿي انڪار ڪري سگهيو؟ ھوءَ جڏهن احمد سان شاديءَ لاءِ گهران ڀڄي نڪتي هئي تہ سندس پيءَ کيس چيو هو تہ هو ٻيهر گهر واپس موٽي نہ اچي.

ھن سوچيو تہ احمد جي پيار لاءِ اُھا شرمساريءَ کي منھن ڏئي وٺندي. پر پوءِ جلد ئي هن کي قبول ڪرڻو پيو تہ سندس پيءُ صحيح هو. هن سوچيو تہ احمد اُهو ماڻهو نہ هو جنهن سان اُن کي محبت ٿي هئي. هن ڪنهن ٻِي ڇوڪريءَ خاطر کيس ڇڏي ڏنو.

ان کان پوءِ فاطمہ کي پنهنجو پاڻ تي شرم اچڻ لڳو. ھن مڃيو تہ ساڻس بلڪل صحيح ٿيو ۽ ان لاءِ کيس هاڻي پاڻ ئي ڀوڳڻو پوي پيو. هوءَ اها ڳالھ چڱي نموني سمجهي چڪي هئي. اوهُ پر، هاڻي سندس دل رحم لاءِ ڪيئن ٿي واجهايو!

نهايت ٻاجهارو ۽ رحم ڪندڙ

جيڪڏھن اسان ايماندار ٿيون تہ، اسان سڀئي گنهگار آھيون ۽ اسان عقل جي آواز کي نظرانداز ڪيو آھي. اسان ٻين کي ناراز ڪيو آھي. ٻين اسان کي ناراض ڪيو آھي. اسان جو معاشرو اهڙن ماڻهن سان ٺهيل آهي جيڪي غلطيون ڪندا آهن. ۽ اهو ڪيترو نہ مشڪل ڪم آهي تہ اسين پنهنجو پاڻ ۽ ٻين کي معاف ڪري ڇڏيون!

ڇا اسان جي ڪيل غلطين جي ڪا تلافي ٿي سگهي ٿي؟

ٿورو سوچيو ته توهان ڪيترا ڀيرا” بسم الله الرحمٰن الرحيم “جو بلڪل سادو ورد ڪيو ھوندو جنھن جي معنيٰ آھي” شروع ڪيان ٿو پنهنجي انهيءَ رب جي نالي سان جيڪو نهايت ٻاجهارو ۽ رحم ڪندڙ آهي. “ انهيءَ رحمَ جي طلب ۾ ڪهڙي خاص ڳالهه آهي؟

شايد اھو انھيءَ ڪري آھي ڇو تہ اسانجي ڪٽنبن—۽ اسانجي پنهنجن دلين کي—انهيءَ رحم جي تمام سخت ضرورت آهي.

رحم: ھڪ بھتر واٽ

ڪجه سال اڳ، عبدالرحمان نالي ھڪ شخص پنھنجي پاڙيسري ڪريم سان وڙھيو ۽ ان کي قتل ڪري ڇڏيائين. مصر جي ھن ننڍڙي ڳوٺ ۾ ٻنھي خاندانن لاءِ جيئڻ جنجال ٿي ويو. ڪريم جي ڪٽنب بدلو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن تہ عبدالرحمان جا گهرڀاتي سندس مارجڻ جي ڊپ کان کيس بچائڻ لاءِ ڊوڙڊڪ ڪئي. عبدالرحمان پاڻ بہ اهو نٿي چاهيو تہ بدلو وٺڻ جو اهو سلسلو جاري و ساري رهي. هن ڳوٺ جي سردارن کان جرڳي ذريعي فيصلو ڪرڻ جو چيو ۽ اُنھن مقابلي ذريعي مارڻ جي رسم ڪرڻ لاءِ سفارش ڪئي.

پوءِ عبدالرحمان پاڻ لاءِ اڇو ڪفن جو ڪپڙو کڻي آيو ۽ ھڪ چاقو ان جي مٿان رکيائين. پوءِ هو ڪريم جي گهر ڀاتين سان ملڻ لاءِ مارڪيٽ ڏانھن نڪتو، ۽ ڳوٺ جي سموري ماڻهن کيس ڏٺو پئي. ان کان پوءِ عبدالرحمان فوتيءَ جي ڀاءُ حبيب آڏو گوڏا کوڙي ويهي رهيو ۽ سندس آندل ڪفن ۽ چاقو انجي حوالي ڪيائين. گڏوگڏ هن کيس مٿس رحم ڪرڻ ۽ ڪنهن نموني پاڻ ۾ ٺهي وڃڻ جي بہ ڳالهه ڪئي.

ٻئي پاسي حبيب اهو چاقو کنيو ۽ عبدالرحمان جي ڪنڌ تي رکي ڇڏيائين. تنهن کان پوءِ ڳوٺ جي سردارن هڪ رڍ آڻي اتي بيهاري، هاڻي حبيب کي ئي اهو فيصلو ڪرڻو هو: ته کيس معاف ڪندو يا بدلو وٺندو؟ جيئن ئي هن عبدالرحمان جي ڪنڌ تي چاقو کڻي رکيو، ۽ چيائين” هاڻي تون منهنجي رحم وڪرم تي آهين. سڀني جون اکيون مون کي ڏسي رهيون آهن؛ سڀڪو اھو بہ ڄاڻي ٿو تہ منهنجو حق آهي ته آئون به توکي قتل ڪري ڇڏيان ۽ آئون ائين ڪري به سگهان ٿو. پر آئون معاف ڪرڻ ۽ ڳالهين ذريعي فيصلو ڪرڻ چاهيان ٿو. آئون پاڻ به اڳتي لاءِ اها رتوڇاڻ ختم ڪرڻ چاهيان ٿو. “

پوءِ هن عبدالرحمان کان منهن موڙي ٻئي پاسي اتي بيٺل رڍ کي ڪُهي ڇڏيو. جڏهن سندس تڪليف، ڪاوڙ لٿي ۽ عبدالرحمان بدران جانور کي ڪهي کيس معاف ڪري ڇڏيائين تہ پوءِ هن وڃي عبدالرحمان کي ڀاڪر پاتو. اهڙي ريت ٻئي ڪٽنب وري کيرکنڊ ٿي ويا ۽ هڪ ٻئي سان امن ۽ سڪون سان رهڻ لڳا.

جيڪڏھن انسان زات انصاف کي رحم سان جوڙڻ جو رستو ڳولھي سگهي ٿو، تہ بيشڪ خدا بہ اھو ڪري سگهي ٿو.

يسوع مسيح: خداوند جي طرفان ڏنل رحمت

اسين خدا جي رحمت جي باري ۾ ڪٿان سکي سگهون ٿا؟ اهو ته پوءِ نهايت ئي آسان آھي. توهان يسوع مسيح بابت ٻڌو هوندو جيڪو (عيسيٰ مسيح) جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو. جيڪو خدا جي وسيلي اسان کي معافي ڏي ٿو. جنھن جو مطلب اھو آھي تہ ھو پوري طرح سان رحم جي نشاندھي ڪري ٿو. سندس رستو - سندس تعليمات جيڪي بائيبل ۾ ڏنل آهن جنهن کي انجيل شريف طور بہ سڃاتو وڃي ٿو. اهوئي معافي ۽ درگذر ڪرڻ وارو رستو آهي.

فقط عيسيٰ مسيح ئي هڪ نهايت ئي مانائتو ڪردار تمام سهڻي نموني ادا ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته پاڻ ئي اهو واحد شخص هو جنهن کي خداوند طرفان موڪليو ويو ۽ جيڪو مڪمل طور گناهن کان پاڪ آھي. هر ڪنهن نبي ۽ پيغمبر کي سندس غلطين لاءِ استغفار جي ضرورت پئي پر عيسيٰ مسيح لاءِ ائين ناھي. کيس قيامت جي ڏينهن جو انتظار ڪرائڻ بدران سڌو سنئون جنت ۾ موڪليو ويو. ڇاڪاڻ تہ پاڻ ڪڏهن بہ ڪا غلطي ڪئي ئي ھئي- ڪوئي ننڊو گناھ بہ نہ.

اھوئي سبب آھي تہ کيس خدا تعاليٰ طرفان فضل عطا ٿيل آهي. پاڻ اسان کي پاڪ رحمت جو مثال ڏنائون، ۽ اسان کي خدا جي رحمت حاصل ڪرڻ سيکاريائون.

يسوع مسيح ڪيئن منھنجي مدد ڪري ٿا سگهن؟

اها ڳالهه سانڍيل آهي ته يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو (جيڪو يحيٰ جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو) تنهن عيسيٰ مسيح کي هڪ هجوم ۾ ڏٺو ۽ خدا تعاليٰ طرفان متاثر ٿي يڪدم رڙ ڪيائين ته” اهو ئي آهي- خدا جو گيٽو جيڪو دنيا جا سمورا گناهه پاڻ سان گڏ کڻي ويندو. “(يوحنا جو انجيل 29:1) . عيسيٰ مسيح انهيءَ رڍ وانگر آھي جنهن جي ذريعي عبدالرحمان لاءِ درگذر ۽ صلح جو رستو هموار ٿيو.

جيڪڏهن اسان کي پنهنجن غلطين تي سزا ڏني ٿي وڃي ته پوءِ انهيءَ کي ئي انصاف چئبو آهي. پرعيسيٰ مسيح، جيڪو پاڻ مڪمل طور تي معصوم ھو، اسان جي غلطين جي ذميداري پاڻ تي کنئي. ڪنهن بہ کيس مجبور نہ ڪيو ھو. هن رضامنديءَ سان پنهنجي لاءِ اهڙي موت جي چونڊ ڪئي تہ جيئن انصاف جي گهرج بابت جواب ڏيئي سگهي. پاڻ دنيا جا اڪلوتا مڪمل طور تي بي گناهه شخص ھئا ۽ تنهنڪري ئي هو عبدالرحمان واري ڪهاڻيءَ ۾ پاڻ کي هڪ رڍ طور پيش ڪيو. تَنھنجي ڪري، جيڪي تڪليفون ان اسان جي لاءِ برداشت ڪيون، انکان پوءِ خدا تعاليٰ کين بهشت ڏانھن گهرائي ورتو.

ٿي سگهي ٿو تہ توهان جي پنهنجي زندگيءَ ۾ بہ ڪو تضاد هجي. ٿي سگهي ٿو تہ توهين انهيءَ فاطمہ وانگر هجو جنهن سان پيار ڪريو ٿا تنهن جي ڪري ئي پوئتي رهجي ويا. ٿي سگهي ٿو تہ توهان کي ڪنهن رنجايو هجي يا وري توهان جي ساک کي هروڀرو نقصان پهچايو ويو هجي. ايئن بہ ٿي سگهي ٿو تہ توهان عبدالرحمان وانگر هجو جيڪو پاڻ بہ ڏوهاري هو ۽ انتقام کان ڊڄندو هو.

يسوع مسيح مدد ڪري سگهي ٿو. توهين بلڪل سادي نموني نهايت نوڙت سان هن ريت مختصر طور ٻاڏائي سگهو ٿا تہ:

اي خدا: آئون پنهنجي گناهن جي تلافي ڪيئن ٿو ڪري سگهان. پر مون کي خبر آهي تہ تو يسوع مسيح جي شڪل ۾ اسان کي تنهنجي طرفان معافي ڏيڻ لاءِ موڪليو آهي. مهرباني ڪري سندس سٺن ڪمن جي ڪري جيڪي هن انسان ذات جي لاءِ ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ لاءِ ڪيا آهن مون کي معاف ڪر. يسوع مسيح وارو رستو سمجهڻ ۾ منهنجي مدد ڪر تہ جيئن آئون بہ پنهنجي حياتيءَ ۾ تنهنجي معاف ڪرڻ واري تجربي کان واقف ٿي سگهان. آمين.

جيڪڏهن توهين پنهنجي لاءِ انجيل شريف جي هڪ ڪاپي حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا تہ پوءِ هن صفحي جي پويان ڏنل معلومات ذريعي اسان سان رابطو ڪريو.

Copyright © 2023 by Sharing Hope Publications. هن‭ ‬ڪم‭ ‬کي‭ ‬بنا‭ ‬ڪنهن‭ ‬اجازت‭ ‬وٺڻ‭ ‬جي‭ ‬ڇپائي‭ ‬۽‭ ‬ورهائي‭ ‬سگهجي‭ ‬ٿو‭.‬

آيتون‭ ‬نئين‭ ‬ڪنگ‭ ‬جيمس‭ ‬ورزن‮(‬‭ ‬مان‭ ‬سنڌيءَ‭ ‬۾‭ ‬ترجمو‭ ‬ڪيل‭. ‬ڪاپي‭ ‬رائيٽ‮)‬‭ ‬1982‭ ‬ٿامس‭ ‬نيلسن‭ ‬پاران‭. ‬اجازت‭ ‬سان‭ ‬استعمال‭ ‬ٿيل‭. ‬سڀ‭ ‬حق‭ ‬محفوظ‭ ‬آهن‭.‬

اسان جي نيوزليٽر لاءِ سائين اپ ڪريو

تازي اشاعتون ڪڏھن دستياب آھن، اھو ڄاڻڻ وارا پهريان فرد ٿيو!

newsletter-cover