شيتاني روحن کان بچاءُ

شيتاني روحن کان بچاءُ

خلاصو

بدروح طاقتور ھوندا، پر يسوع مسيح کان وڌيڪ نہ. ھي پمفليٽ بيان ڪري ٿو تہ ڪيئن يسوع ڏکايل ماڻھن مان شيطانن کي ٻاھر ڦٽي ڪري ٿو ۽ انھن کي شفا ڏئي ٿو. ھو اڄ اسان لاءِ پڻ اھو سب ڪري سگهي ٿو. ھن جو ڪتاب اسان کي اھو سڀ ڪجه سيکاري ٿو جيڪو اسان کي شيطاني حملن ۽ ظلم کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آھي. ھي اسان کي اھو پڻ سيکاري ٿو تہ سندس واپسي کان اڳ ڪيئن شيطاني ٺڳن جي ڌوڪي کان بچي سگهون ٿا.

ڊائون لوڊ

جن جتي ڪٿي آهن. پوءِ کڻي توهين انهن کي آتما، ڀوت، ديو يا جن سڏيو اهي توهان کي ڊيڄاريندا رهندا. ڀوپا، جن ڪڍندڙ ۽ ٽوڻا ڦيڻا ڪندڙ مشهور آهن پر ڇا نهن سڇ پچ تہ اسان جي حفاظت ڪري سگهن ٿا؟

ائون ان سلسلي ۾ توھان سان شيطاني روحن کان بچاء حاصل ڪرڻ لاءِ توھان کي ٽي سادا طريقا ٻڌائڻ ٿو تہ جيئن توھان کي ڊڄڻو نہ پوي.

بدروحن کان حفاظت

ھو شخص ننگو هو ۽ دانهون پئي ڪيائين. هن تي ڪيترائي جِن قابض هئا، ۽ ڪير بہ سندس مدد نہ ٿي ڪري سگھيو. ڳوٺ جي ماڻهن هن کي زنجيرن سان ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن عام انساني طاقت کان گھڻو وڌيڪ زور لڳائي انهن کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ اتان ڀڄي وڃي مزارن وچ ۾ رهڻ لڳو. هو تمام شڪست حالي ۾ روئندي ۽ پنهنجو پاڻکي پٿرن سان وڍ ڏيندي پنهنجا ڏينهن گذاريندو هو.

پوءِ يسوع مسيح نالي هڪ ماڻهو جي آمد ٿي، جنهن کي حضرت عيسيٰ المسيح طور بہ سڃاتو وڃي ٿو.

اهو شخص ايترو تہ جهڪڙيل ھو جو جڏهن هن مدد گهرڻ لاءِ پنهنجو وات کوليو تہ جنن رڙ ڪري يسوع مسيح کي چيو تہ هن کي اڪيلو ڇڏي ڏيو. پر يسوع اتان نہ ويو. کيس خبر هئي تہ ڇا ٿيڻ وارو آهي. بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي هن جنن تي زور ڀريو تہ اهي ان ماڻهو کي ڇڏي ڏين.

’’اسانکي اوڙاه ڏي نه موڪل! ‘‘ جن منٿ ڪندي چيو. هنن کيس عرض ڪيو تہ کين ڀرپاسي وارن خنزيرن جي ولر ۾ وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي. پوءِ يسوع کين حڪم ڏنو تہ اهي ان ماڻهو کي ڇڏي ٻئي ڪنهن ناپاڪ جانور ۾ هليا وڃن. يڪدم ئي اهو ماڻهو پنهنجي هوش هواس ۾ اچڻ لڳو ۽ خنزيرن جو سمورو ولر اتان ڀڄي سمنڊ ۾ هڪ سڪل ٽڪري ڏانهن روانو ٿي ويو.

آخرڪار، اهو ماڻهو آزاد ٿي ويو. هو پوءِ سندن تمام گهڻو ٿورائتو ٿيو! پر اها فقط ڪا اڪيلي ڪهاڻي ناھي. يسوع مسيح جن وٽ بدروحن کي منهن ڏيڻ لاءِ تمام گهڻي طاقت هئي. پاڻ جتي بہ ويندا ھئا اتي ماڻهن کي ٻڌائيندا هئا ڪنهن تي جن جو قبضو ٿيل آهي. هن پنهنجن پوئلڳن کي بہ شيطان مٿان اختيار ڏئي ڇڏيو هو:

ياد رکو تہ، آئون توهان کي دشمن جي هر طاقت... مٿان اختيار ڏيئي رهيو آهيان ۽ اهڙي ڪا بہ شئي توهان کي ڪهڙي بہ طريقي سان نقصان نٿي پهچائي سگهي. توهين انهيءَ ڳاله تي گهڻو خوش نہ ٿيو، تہ ڪو برائيءَ واريون اهي قوتون هاڻي توهان کي ڪو بہ ڇيهونہ رسائينديون پر رڳو انهن ڳالهين تي سرها ٿيو جو توهان جا نالا جنتين ۾ لکجي چڪا آهن (انجيل، لوقا 19:10-20) .

جڏهن اسين يسوع مسيح جي پويان هلڻ شروع ڪنداسين تہ اسان کي هن حياتيءَ ۾ بہ تحفظ حاصل هوندو ۽ جيڪا ايتري زندگي آهي تنهن بابت بہ پڪ سان خاخري ڏني ويندي. اچو تہ انهن ٽن خدمتن کي ڏسون جن تي عمل ڪري بدروحن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو.

قدم 1: يسوع مسيح جي نالي ۾ طاقت هجڻ جي دعويٰ ڪريو.

پهرين قدم ذرعي اسان جي يسوع مسيح جي نالي ۾ خدا جو تحفظ حاصل ٿيو وڃي. اسانکي پنھنجوسر، ڪا بہ طاقت نہ آھي. پرجڏهن اسين پنهنجين زندگين ۾ يسوع مسيح جي نالي جي داخلا ڪريون ٿا ته پوءِ بدروحن جي طاقت ختم ٿيو وڃي. حضرت عيسيٰ پنهنجن پوئلڳن بابت چيو تہ: ” منهنجي نالي ۾ اهي ڀوتن کي تڙي ٻاهر ڪڍندا “(انجيل، مرقس 17:16) .

جيڪڏهن توهين پنهنجي پوريءَ دل سان انهيءَ ڳاله ۾ يقين رکو ٿا تہ يسوع مسيح توهان کي ڇوٽڪارو ڏياريندو، تہ پوءِ هو بہ ائين ئي ڪندو! خدا اڳيان بلڪل سادي نموني انهيءَ ڳاله لاءِ ٻاڏايو تہ” اي خدا! مهرباني ڪري مون کي انهيءَ ھستي جنهن جو نالو يسوع مسيح آهي ۽ جنهن کي تو اسان ڏانهن اماڻيو آهي تنهن ذريعي اسان کي برائيءَ جي قوتن کان بچائي! “

قدم 2: پنهنجي اندرين ۽ ٻاهرين صفائي ڪريو

يسوع مسيح اسان کي ٻڌايو آهي تہ اسين لازمي طور تي ڪڏهن بہ شيطان کي پنهنجي ويجهو اچڻ نہ ڏيون. پاڻ فرمايائون، ” هن دنيا جو حاڪم اچي رهيو آهي، ۽ انهي جو مون ۾ ڪجھ بہ ناهي “(انجيل، يوحنا 14: 30) . اسان کي پنهنجين زندگين کي بہ برائين جي سمورن اثرن کان پاڪ ڪرڻو آهي.

تہ ڇا انهيءَ جو اهو مطلب ٿيو تہ” شيطان جو اسان ۾ ڪجه بہ ناھي “؟ ان جو مطلب اهو ٿيو تہ هن جو اسان جي دلين يا گهرن سان ڪو بہ واسطو ناھي. اسان کي لازمي طور تي باطل پرستي وارن وهمن ۽ تعويذن کي ڇڏي ڏيڻو پوندو. اسان کي گناهن وارن ڪمن جهڙوڪ اگهاڙپ، نشن ۽ شراب کان پاسو ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن اسين مسئلن جي ڳالهين تي رسمي طور لڳي يا انهن جي پٽن پاراتن کان هيسجي رهنداسين تہ پوءِ اسان کي يڪدم اهڙيون سرگرميون ختم ڪري ڇڏڻ کپن. تنهنڪري، اسانکي شيطاني اثرن کان بچڻ لاءِ پنهنجي ٻاهرين ماحول کي بہ صاف سٿرو رکڻ کپي. تنهن کان پوءِ، اسان کي لازمي طور تي خدا کان اِها دعا گهرڻ کپي تہ هو اسان کي معاف ڪري ۽ اسان جي اندر کي بہ صاف پاڪ ڪري ڇڏي.

قدم 3: پنهنجي زندگي کي روشنيءَ سان ڀري ڇڏيو.

جڏهن يسوع مسيح توهان کي جنن جي طاقت کان بچائي رکي ٿو تہ پوءِ توهين کيس دعوت ڏيو تہ هو توهان جي زندگين جو نگران ٿي وڃي. پنهنجين دلين کي خالي نہ ڇڏيو. يسوع مسيح چوي ٿو تہ،

جڏهن هڪ ناپاڪ روح ماڻهو مان ٻاهر ويندو آهي تہ هو خشڪ جڳهن مان گذرندو آهي، آرام جي ڳولا ۾، پر کيس ناهي ملندي. پوءِ هو چوندو آهي،” مان پنهنجي انهي گھر ڏي واپس ويندس جتان آيو آهيان. “ ۽ جڏهن هو ايندو آهي، تہ اهو کيس خالي ملندو آهي، ٻهاريل، ۽ ترتيب ڏنل. پوءِ هو ويندو آهي ۽ پاڻ سان گڏ اهڙا ست روحَ کڻي ويندو آهي جيڪي هن کان بہ وڌيڪ ڪميڻا هجن، اهي گھڙندا آهن ۽ اتي رهندا آهن؛ ۽ ماڻهو جي آخري حالت پهرين کان بدتر هوندي آهي (انجيل، متي-45:12-43) .

جڏهن توهني جنن کان پاڪ ٿيو تہ يسوع جي روشني يعني بائيبل واري ڪتاب سان ڀري ڇڏيو. يسوع مسيح” دنيا ۾ نور بنجي آيو، ته جيڪو بہ (منجهس) ايمان آڻي ٿو تنھنکي اونده ۾ نہ رهڻ گھرجي “(انجيل، يوحنا12:46) . يسوع جي ڪتاب جي ھڪ ڪاپي حاصل ڪريو ۽ روزانو ان کي پڙهندا رهو، تڏهن ان جي روشنيء توھان کي اونڌائي مان ڇکي ٻاھر ڪڊھندي.

آئيندي لاءِ بچاءُ

اسين وقت جي خاتمي جي ويجهو واري دؤر ۾ رھون پيا جڏھن بدروح پھرين کان وڌيڪ سرگرم آھن. يسوع مسيح اڳڪٿي ڪئي هئي تہ منهنجي واپس موٽي اچڻ کان اڳ تہ برائيءَ واريون اهي قوتون ڪيترائي ڪوڙا معجزا ڏيکارينديون تہ جيئن منهنجي پوئلڳن کي ورغلائي سگهن. انهن مان ڪي هي هوندا تہ جن ڀوتن جي شڪل ٻين کي ڊيڄارڻ لاءِ نڪري ايندا. اهي فرشتن ۽ مئل مائٽن جي صورت ۾ بہ اچي سگهن ٿا. شيطان پاڻ بہ پنهنجو پاڻ کي يسوع مسيح طور پيش ڪري سگهي ٿو!

پر توهان کي انهن ڪوڙين ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت ڪونهي. جيڪڏهن توهان يسوع مسيح جا پوئلڳ آهيو تہ پوءِ هو توهان کي پاڻ کي انهن شيطانن کي منهن ڏيڻ جي طاقت عطا ڪندو. پيارا دوستو! اڄڪله توهان جو ڪهڙيون بہ ڪوششون ھجن يسوع مسيح کي اجازت ڏيو تہ هو توهان کي انهن مان ڇوٽڪارو ڏياري.

جيڪڏھن توھان چاھيو ٿا تہ يسوع مسيح جا پوئلڳ توھان جي بدروحن کان ڇٽڪاري جي دعا گهرن تہ، مھرباني ڪري ھِن ڪاغذ جي پٺيان ڏنل معلومات ذريعي اسان سان رابطو ڪريو.

Copyright © 2023 by Sharing Hope Publications. هن ڪم کي بنا ڪنهن اجازت وٺڻ جي ڇپائي ۽ ورهائي سگهجي ٿو.

آيتون نئين ڪنگ جيمس ورزن® مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل. ڪاپي رائيٽ© 1982 ٿامس نيلسن پاران. اجازت سان استعمال ٿيل. سڀ حق محفوظ آهن.

اسان جي نيوزليٽر لاءِ سائين اپ ڪريو

تازي اشاعتون ڪڏھن دستياب آھن، اھو ڄاڻڻ وارا پهريان فرد ٿيو!

newsletter-cover