فيصلي ۾ بيباڪ

فيصلي ۾ بيباڪ

خلاصو

قيامت جي ڏيھن جي باري ۾ سوچي ڪيترن ئي ماڻھن جي دلين ۾ خوف پئدا ٿي ويندو آھي. اسان ڪيھڙي پڪ ڏئي ٿا سگهون تہ قيامت جو ڏيھن اسان آساني سان گذاري وينداسين؟ خدا چيو آھي تہ ھو اسان کي ھڪ وقيل ڏيندو—ھڪ اھڙو شخص جيڪو فيصلي ۾ اسان جي لاءِ شفاعت ڪندو جيئن ھڪ وڪيل عدالت ۾ اسان جي مقدمي ۾ عذر پيش ڪندو آھي. ھي پمفليٽ اسان کي ھن وڪيل سان تعارف ٿو ڪرائي ۽ اسان کي سيکاري ٿو تہ ايندڙ فيصلي جي باري ۾ سوچڻ وقت ڪيئن اسان کي تسلي بخش ٿيڻو آھي.

ڊائون لوڊ

هڪ ڏينهن صبح جي وقت، آئون هڪ اهم گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پنهنجي هوٽل جي ڪمري مان نڪري روانو ٿيس. جيئن تہ مون کي دير ٿي چڪي هئي تنهن ڪري مون— تيز رفتاريءَ سان ڊرائيونگ شروع ڪئي ۽ رفتار جي حد کان وڌيڪ تيزيءَ سان هلڻ لڳس. پنهنجي ٺڪاڻي تي پهچڻ کان اڳ اڌ رستي تي مون کي ھڪ پوليس آفيسر روڪي ورتو ۽ مونکي چوڻ لڳو تہ مونکي هرحال ۾ پوليس اسٽيشن هلڻو پوندو! اهو ٻڌي آئون تمام گهڻو گهٻرائجي ويس ۽ لاچار ٿي ويس ڇاڪاڻ تہ مون کي خبر هئي تہ آئون ڏوھي ھئس.

تنهن کان پوءِ انهيءَ پوليس آفيسرَ منهنجي آڏو منهنجي مقدمي جو فائيل کوليو ۽ مون کي حاضري لاءِ ڀرپاسي واري هڪ ڪورٽ آندو ويو. جتي مون کي هڪ پراڻو دوست ملي ويو جيڪو اتي وڪيل طور ڪم ڪندو آھي. هو مون کي اتي ڏسي تعجب ۾ پئجي ويو. جڏهن مون کيس پنهنجي اصل ڳالهه ٻڌائي تہ هن مون کي چيو” فڪر جي ڪا بہ ڳالهه نہ آهي. آئون پاڻ تنهنجي مقدمي کي منهن ڏيندس. “ اِهو ٻڌي مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي. هاڻي منهنجو پنهنجو دوست ئي منهنجو وڪيل هو.

ڇاڪاڻ تہ منهنجي دوست پاڻ منهنجي وڪالت پئي ڪئي تنهن ڪري جج بہ مون تي تمام معمولي ڏنڊ وڌو. آئون خدا جو شڪر ادا ڪندو عدالت مان ٻاهرنڪتس.

اصل ۾ ڪنهن جج اڳيان ڏوهاري طور بيهڻ خوفناڪ ڪم آھي. پر ان کي قيامت جي ڏينهن تي خدا اڳيان بيهڻ سان ڀيٽي نٿو سگهجي. جيڪڏهن اهو ڏينهن سڀاڻي ئي اچي وڃي تہ ڇا توهين ان لاءِ تيار ھونداؤ؟

انصاف جي ڏينهن لاءِ تياري

ڪجه ماڻهو قيامت جي ڏينهن کي بہ هڪ عام رواجي ڏينهن طور مڃيندا آهن. اهي نشو واپرائيندا آهن، سگريٽون پيئندا آهن، جوا کيڏندا ۽ نائيٽ ڪلبن ۾ ايندا ويندا رهندا آهن ۽ گنديون فملون بہ ڏسندا آهن. ٿي سگهي ٿو تہ کين اها خبر بہ هجي تہ هو جيڪي ڪجه ڪن پيا اهو سندن حساب واري ڪتاب ۾ لکجي رهيو آهي پر پوءِ بہ هو شيطان جي ور چڙهيو وڃن. اهي ان ڳاله جو ڪو بہ فرق نتو پئي.

ٻيا ماڻهو وري وڌيڪ ڊپ ۾ ان جي موٽ ڏين ٿا. اهي ڪوشش ڪن ٿا تہ سندن هڪ بہ عبادت نہ گُسي. اهي قبر جي عذاب يا جهنم جي باه کان ايترو تہ ڊڄن ٿا جو اهي خدا جي پيار ۽ مهربانين کي وساريو ڇڏين.

پر جيئن مون کي عدالت ۾ هڪ وڪيل ملي ويو تہ خدا اسان کي بہ اهڙو وڪيل ڪري ڏيندو جيڪو اسان کي حشر جي ڏينهن کي آسانيءَ سان پار ڪرائي ويندو. توھان اڪيلا نہ آھيو!

اسان جو وقيل ڪير آھي؟

ڪنهنجي وڪالت ڪرڻ جو خيال ڪو نئون ڪونهي. هر سال، هزارين زيارتي اتر آفريڪا، وچ اوڀر ۽ ايشيا مان مقدس جاين ڏانهن وڃن ٿا. ڪيترائي ماڻھون عظيم شخصيتين جي قبرن تي دعا گهرندا آھن، ان عقيدي سان تہ اھي انھن جي وڪالت ڪندا.

اِها تمام سٺي ڳالھہ آهي تہ انهن وڏين هستين جو احترام ڪجي پر انهن جي عبادت ڪرڻ ۽ کانئن پنهنجي مراد پوري ڪرائڻ لاءِ دعا گهرڻ حرام آھي. اهي مري چڪا آهن ۽ توهان لاءِ ڪجه بہ نٿا ڪري سگهن. ايسيتائين جو نبي سڳورا بہ پنهنجن مقبرن ۾ حشر جي ڏينهن جو انتظار ڪري رهيا آهن.

حالانڪ مئلن کان سفارش ڪرڻ جو چوڻ حرام آھي، جڏھن تہ سفارش ھڪ سٺو خيال آھي. پر ڪنهن جي سفارش خدا وٽ مقبوليت حاصل ڪندي؟ هستي فقط اُھا ھجي جيڪا:

1. جيئري ھجي (ڇاڪاڻ تہ ڪو بہ مُردو توهان جي پاران ڳالهائي نہ ٿو سگهي) .

2. بلڪل بي گناه هجي (ڇاڪاڻ ته جيڪو پاڻ قانون تي عمل نہ ٿو ڪري اهو ٻئي ڪنهن جي وڪالت ڪيئن ٿو ڪري سگهي) .

پوءِ اهو ڪيئن ٿو انهن سمورين صلاحيتن تي پورو لهي ٿو سگهي؟ اهو ٻيو ڪو به نه پر اسان جو پيارو يسوع مسيح آهي جنهن کي عام طور عيسيٰ مسيح به ڪوٺيو ٿو وڃي جيڪو هن وقت بہ جنت ۾ جيئرو ويٺو آهي ۽ مڪمل طور تي کرو ۽ سچو آهي.

هن جي باري ۾ سوچيو—ڇا اهڙو ڪو ٻيو آهي جيڪو مڪمل طور تي پنهنجي گناهن کان پاڪ هجڻ جي دعويٰ ڪري ٿو. حضرت آدم منع ڪيل ميوو کاڌو، حضرت نوح کي شراب پيئندي پڪڙيو ويو. حضرت ابراهام (ابراهيم) ڪوڙ ڳالهايو، موسز (حضرت موسيٰ) هڪ ماڻهو کي قتل ڪيو. ڊيوڊ (دائود) هڪ ٻئي ماڻهو جي زال ڀڄائي ويو. توهين اهڙو ڪو هڪ بہ نبي ٻڌائي نہ ٿا سگهو جنهن ڪڏهين بہ ڪا غلطي نہ ڪئي هجي ۽ نہ ئي ڪڏهين معافيءَ لاءِ چيو هجي.

پر يسوع مسيح ڪڏهن به ڪو گناهه نہ ڪيو. هو پاڻ اِها دعويٰ ڪئري تہ” اُهو جنهن مون کي هتي اماڻيو اُهوئي مون سان گڏ آهي، جيستائين منهنجو تعلق آهي ته اهوئي سڀ ڪجهه ڪندو آهيان جنهن سان هو خوش ۽ رضي ٿئي “(بائبل مقدس مان، جنهن کي عام طور تي انجيل جي نالي سان سڏيو ويندو آهي، يوحنا 29:8).

سڪون سان فيصلي کي مڃڻ

يسوع مسيح جنت ۾ ويٺو آهي ۽ گناهن کان مڪمل طور تي پاڪ آهي. هو منهنجي ۽ توهان جي وڪالت ڪرڻ لاءِ تيار ويٺو آهي. ۽ هو تمام جلد موِٽي اچي پيو

۽ هو جڏهن بہ ٻيو ڀيرو واپس موٽي آيو تہ پوءِ ان جو مطلب اهو ٿيو ته يسوع مسيح ئي آخري نبي آهي. ها، ۽ هڪ نبيءَ کان بہ وڌيڪ هوندو—هو اسان جو وڪيل هوندو، آقا ۽ حشرت واري ڏينهن سڪون ۾ هوندو. هن اسان کي ٻڌايو ته” پوري يقين سان چوان ٿو ته … جيڪڏهن ڪنهن به منهنجي چوڻ تي عمل ڪيو تہ هو ڪڏهن بہ موت جو منهنن نہ ڏسندو “(يوحنا جو انجيل 51:8) .

يسوع مسيح مئو ڪونهي؛ ھو جيئرو آهي! ۽ هو هينئر بہ زمين تي پنهنجي جماعت جي تعمير ۾ رڌل آهي. ھو عموماً ماڻھن جي خواب ۾ اڇي پوشاڪ پھري کين سندس جماعت ۾ اچڻ جي دعوت ڏيندو آھي يا جڏھن اسان خدا تعاليٰ کان ان جي نالي تي گهرون ٿا تہ ھو اسان کي معجزو ڏئي ٿو.

ڇا توهين حساب ڪتاب واري ڏينهن پنهنجي لاءِ سڪون چاهيو ٿا؟ ته پوءِ يسوع مسيح ۾ پنهنجي يقين جو اعتراف ڪريو. اسين انهن تي پنهنجو اعتماد ڪيئن ٿا ڪريون جيڪي فوت ٿي چڪا آهن ۽ کين اها بہ خبر نہ آهي تہ حشر واري ڏينهن هنن سان پاڻ سان ڇا ٿيندو؟ پر يسوع مسيح کي پنهنجي جنت ۾ هجڻ جي پوري پڪ آهي. عدالتي ڪمري ۾ منهنجي دوست وڪيل وانگر هو بہ، اسان جي مدد ڪندو.

توهان کي انهيءَ ڳاله تي ضرور تعجب ٿيندو ھوندو تہ جڏهن توهان لاءِ ڪا نهايت پياري ڳالهه سچ ٿي توهان جي اڳيان اچي. يسوع مسيح چوي ٿو، ” جيڪڏهن توهين منهنجي نالي تي ڪنهن شئي جي گُهر ڪندا تہ آئون ان کي پورو ڪندس “(يوحنا جو انجيل 14:14) . اچو تہ انهيءَ ڳاله کي آزمايون تہ آئون توهان کي جيڪو ڪجه چئي رهيو آهيان اهو سچ آهي. جيڪڏهن يسوع ايترو طاقتور آهي جو اسان جي زندگين جي هنگامي معاملي کي بروقت نبيري سگهي ٿو ته پوءِ توهين پڪ سان کيس پنهنجي وڪيل طور قبول ڪرڻ وارو ڀروسو ڪندا. يسوع جي نالي سان خدا کان سچيءَ دل سان دعا گهرو ۽ پوءِ ڏسو تہ ڇا ٿو ٿئي. توهين دعا گهرو تہ:

يا خدا آئون اهو ڄاڻڻ چاهيان ٿو تہ ڇا يسوع ئي اُهو ماڻهو آهي جنهن کي توهان يوم حساب تي اسان جي وڪيل طور مقرر ڪيو آهي. جيڪڏهن اهو سچ آهي تہ پوءِ تون منهنجي گهريل دعا (هتي توهان کي جيڪا دعا گهرڻي آهي تنهن جو ذڪر ڪريو) جو جواب ڏي. آئون انهيءَ لاءِ يسوع مسيح جي نالي تي دعا گهران ٿو. آمين.

جيڪڏهن توهين ان سلسلي ۾ وڌيڪ ڄاڻڻ چاهيو تہ يسوع مسيح جي پيروي ڪيئن ڪجي تہ پوءِ هن صفحي جي پويان ڏنل معلومات مطابق اسان سان رابطو ڪريو.

Copyright © 2023 by Sharing Hope Publications. هن‭ ‬ڪم‭ ‬کي‭ ‬بنا‭ ‬ڪنهن‭ ‬اجازت‭ ‬وٺڻ‭ ‬جي‭ ‬ڇپائي‭ ‬۽‭ ‬ورهائي‭ ‬سگهجي‭ ‬ٿو‭.

آيتون‭ ‬نئين‭ ‬ڪنگ‭ ‬جيمس‭ ‬ورزن‮(‬‭ ‬مان‭ ‬سنڌيءَ‭ ‬۾‭ ‬ترجمو‭ ‬ڪيل‭. ‬ڪاپي‭ ‬رائيٽ‮)‬‭ ‬1982‭ ‬ٿامس‭ ‬نيلسن‭ ‬پاران‭. ‬اجازت‭ ‬سان‭ ‬استعمال‭ ‬ٿيل‭. ‬سڀ‭ ‬حق‭ ‬محفوظ‭ ‬آهن‭.‬

اسان جي نيوزليٽر لاءِ سائين اپ ڪريو

تازي اشاعتون ڪڏھن دستياب آھن، اھو ڄاڻڻ وارا پهريان فرد ٿيو!

newsletter-cover