حجرت جي دعوت

حجرت جي دعوت

خلاصو

ڇا اوھان ھڪ بھتر ھنڌ جي خواھش رکو ٿا؟ سلامتي، خوشي، ۽ آرام جي جڳھہ؟ اسان ان شئي جي آس رکندا آھيون جيڪي ھي دنيا ڏئي نٿي سگهي ڇاڪاڻ تہ اسان مان ھر ھڪ جنت لاءِ ٺاھيو ويو آھي. یسوع مسيح جن پيھرين ئي اتي ويل آھن. پاڻ کي رستو خبر آھي، ۽ اصل ۾، ھو پھنجي پاڻ کي "سڌو رستو!" سڏي ٿو. ھي پمفليٽ يسوع جي باري ۾ اھم سچاين کي بيان ڪري ٿو جيڪي اسان کي بھشت جو شھري ٿيڻ ۾ مدد ڪن ٿا.

ڊائون لوڊ

عبدالمالڪ هڪ عاجز پوڙهو ماڻھون هو. پنهنجي زال ۽ ٻار گنوائڻ کان پوءِ هو عراق لڏي ويو تہ جيئن پنهنجو پاڻ کي ISIS کان بچائي سگهي. هاڻي هو اڪيلي سر اردن ۾ هڪ پناهگير واري زندگي گذاري رهيو ھو.

پر کيس اڃا بہ اميد جوڪوڪرڻو نظراچي ٿو. سندس هڪ سئوٽ آهي جيڪو ڪئناڊا ۾ رهي ٿو. ان کيس اتي روزگار حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ جي آڇ ڪئي. هن ان لاءِ ويزا جي لاءِ درخواست ڏني ۽ هڪ سٺي زندگي گذارڻ جا خواب ڏسڻ لڳو. آخرڪار، ڪيترن ئي سالن جي انتظار کان پوء، هن کي ڪئناڊا ۾ داخلا ڏني وئي. عبدالمالڪ ڏاڍو پرجوش ھو!

پر سندس خوشيون صرف ٿوري وقت لاءِ ئي هيون. ڪئناڊا پهچڻ کان پوءِ هن محسوس ڪيو تہ لڏپلاڻ کان پوءِ زندگي گذارڻ ڪو ايترو آسان بہ ڪونهي. سندس ڪم اهڙو هو جو کيس سڄو ڏينهن پيرن ڀر بيهڻو پوندو هو. سندس پاڙيسري ھُل ڪندا ھئا. پبلڪ ٽرانسپورٽ بابت سمجهڻ بہ ڪو ايترو آسان ڪم نہ هو— ۽ نہ ئي انگريزي ٻولي!

عبدالملڪَ سدائين ھڪ سٺي جڳھہ تي وڃڻ جو خواب ڏٺو ھو، پر جڏھن ھو اتي پھتو تہ، انکي لڳو ان جي دل اڃا بہ غمگين آھي. هن انهيءَ ڳالهه تي حيرت کائڻ شروع ڪئي تہ ڇا هن جيڪي ڪجه چاهيو ٿي اهو زمين جي ڪنهن بہ حصي تي کيس حاصل ٿي سگهيو ٿي—يا وري اڃا کيس اهو انتظار ڪرڻ گهرجي تہ هو ڪڏهن ٿو جنت ۾ پهچي!

جنت ڏانهن ھجرت

ڇا توهان پاڻ بہ ڪڏهن عبدالمالڪ وانگر محسوس ڪيو آهي؟ انسانن جي دلين ۾ ڪنهن سٺي هنڌ تي رهڻ جي خواهش سدائين کان پلندي پيئي اچي ۽ اها تڏهن ئي پوري ٿيندي جڏهن توهان جنت ۾ پهچي وڃو، پنهنجي اصل گهر ۾. ۽ اها هڪ اهڙي خواهش آهي جيڪا تمام جلد ئي پوري ٿي ويندي! قيامت جون نشانيون ان جي اکين آڏو آهن، ۽ هيءَ دنيا تمام جلد پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچڻ واري آهي.

صدين کان يهودين، مسيحين ۽ مسلمانن جي مذهبي ڪتابن ۾ قيامت جي اڳڪٿي ڪيل آهي—تہ جڏهن اسين هن دنيا مان” لڏپلاڻ “ڪري ٻي دنيا ۾ هليا وينداسين تہ هڪ اهڙو ماحولياتي جهٽڪو ايندو جو هيءَ دنيا فنا ٿي ويندي. سمورا ٽيئي مذهب، اهڙي مسيح-شخص جو ذڪر ڪن ٿا جنهن جي اچڻ کان پوءِ انهن آخري واقعن تي عمل شروع ٿي ويندو.

دلچسپ ڳاله اها آهي ته مسيحيت ۽ اسلام ۾ هي مسيح-شخص ٻيو ڪير نہ پر عيسيٰ مسيح آھي، جنهن کي عيسيٰ المسيح بہ سڏيو ويندو آهي. هي اهوئي مسيح آهي جيڪو ڪڏهن فلسطين ۾ رهندو هو ۽ هاڻي گذريل 2,000 سالن کان بهشت تي رهي ٿو. هو نيٺ حشر واري ڏينهن تي واپس ايندو.

يسوع مسيح جي واپس اچڻ جو ذڪر بائيبل ۾ تہ تمام گهڻوآيل آهي پر مسلمانَ بہ ان ڳاله ۾ يقين رکن ٿا تہ هو واپس موٽي اچي پيو. ڇاڪاڻ تہ اِهو قُرآن پاڪ ۾ بہ لکيل آهي تہ” ۽ بيشڪ (عيسىٰ) قيامت جي ھڪ نشاني آھي پوءِ اوھين قيامت ۾ شڪ نہ ڪريو ۽ (اي پيغمبر چؤ تہ) منھنجي تابعداري ڪريو (جو) اِھا سِڌي واٽ آھي. “(الزخرف 61:43) .

جيئن ڪو اميگريشن آفيسر اهو ٻڌائيندو آهي تہ ويزا لاءِ درخواست ڪئين ڏجي تيئن عيسيٰ مسيح بہ اسان کي دعوت ڏي ٿو تہ سندس اشاري تي ڌيان ڏيون تہ جيئن اسين جنت ڏانھن سڌي رستي جي سڃاڻپ ڪري سگهون.

يسوع ڇا چيو تہ بهشت ڪيئن آهي؟

بائيبل مقدس جنهن کي انجيل شريف جي نالي سان بہ سڃاتو وڃي ٿو ٻڌائي ٿو تہ عيسيٰ مسيح جو چوڻ آهي تہ” آئون اوهان جي خاطر جاءِ تيار ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان. جيڪڏهن ائين نہ هجي ها تہ آئون اوهان کي نہ ٻڌايان ها جڏهن آئون وڃي اوهان جي لاءِ جاءِ تيار ڪندس تہ پوءِ موٽي ايندس ۽ اوهان کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ويندس، تہ جتي آئون آهيان اتي اوهين بہ هجو. “(يوحنا جو انجيل 14: 2-3) . عيسيٰ مسيح چيو آھي تہ آئون توهان کي جنت ۾ وٺي ويندس!

هن اُن هنڌ جون ڪجه پياريون جهلڪيون پڻ بيان ڪيون هيون. هن چيو تہ

• اتي ڪو بہ موت، ڏک، روڄ راڙو ۽ تڪليف نہ هوندي (مڪاشفو 4:21) .

• اتي اسان جا گهر تمام گهڻا خوبصورت هوندا (يوحنا2:14).

• اتي هر مرد ۽ عورت جي هڪ جيتري عزت، وقار ۽ حقَ هوندا (گلتين 28:3) .

• اتي مڪمل طور تي روشنيون، نيڪي ۽ خوشيون هونديون (مڪاشفو 25:21-21) .

اصل ۾ هي اهائي جاءِ آهي جتي رهڻ لاءِ اسان جون دليون ڌڙڪن ٿيون!

عيسيٰ مسيح ٻيو ڀيرو ڇو موٽي اچي

پر خدا تہ ڪيترائي نبي ۽ پاڪ پيغمبر اماڻيا آھن. تہ پوءِ ڇو يسوع مسيح کي ئي ٻيو ڀيرو واپس اچڻ لاءِ چونڊيو ويو؟ هن سوال جو جواب انهيءَ ساڳئيءَ لڏپلاڻ واري عمل کي نظر ۾ رکندي ڏيڻ تمام آسان آهي. ڇاڪاڻ تہ ڪنهن بہ ٻئي هنڌ وڃڻ لاءِ ويزا حاصل ڪرڻ ڪو ايترو آسان ڪم نہ آهي، ڪيترائي ماڻهو انهيءَ لڏپلاڻ واري ڪم ڪرائڻ لاءِ ڪو وڪيل ڪندا آهن. جنهن کي اهو ڪم ڪرائڻ جي طريقي جي خبر هوندي آهي. جيڪڏهن اسان وٽ بہ ڪو رهنمائي ڪرڻ وارو هجي تہ اسين مٿس اعتماد ڪري سگهون ٿا تہ هو اسان جي مدد ڪندو.

اهڙي ئي نموني، يسوع مسيح اُها اڪيلي ذات آهي جيڪو ٻيو ڀيرو ظاهر ٿيندو ڇاڪاڻ تہ کيس ئي جنت جي رستي جي خبر آهي جتي وڃڻ لاءِ هو اسان جي رهنمائي ڪندو. هن پاڻ ئي دعويٰ ڪئي تہ” آئون رستو آھيان، آئون حق آھيان، ۽ زندگي بہ “(يوحنا 6:14) .

خدا طرفان اماڻيل هر نبي ۽ رسول کان ڪي نہ ڪي غلطيون ٿيون آهن ۽ جنهن لاءِ کين پوءِ معافي وٺڻي پيئي آهي. پر يسوع مسيح ائين نه ڪيو. هو هن ڌرتيءَ تي 33 سال رهڻ جي باوجود گناهن کان پاڪ رهيو. انهيءَ ڪري ئي کيس يڪدم جنت ڏانهن گهرايو ويو.

اسان کي يسوع مسيح کان جيڪو اڪيلو گناهن کان پاڪ آهي، اهو ضرور سکڻ گهرجي تہ اسين جنت ۾ داخل ٿيڻ واريون گهرجون ڪيئن پوريون ڪري سگهون ٿا. صرف انهيءَ رستي تان اسين مڪمل طور تي مقصد حاصل ڪري سگهون ٿا. شڪر آهي تہ، اسين اهو سڀ ڪجه سندس پاڪ ڪتاب بائيبل مان حاصل ڪري سگهون ٿا.

يسوع مسيح جي واپس اچڻ لاءِ تياري

ڇا اها نهايت ئي دلچسپ ڳاله نہ آهي تہ توهين هڪ بهتر هنڌ تي لڏي وڃڻ لاءِ پڪ حاصل ڪري سگهو ٿا؟ توهان کي جنت ۾ خدا تعاليٰ جي هڪ نهايت ئي شاندار بادشاهت ۾ اچڻ جي دعوت ملي رهي آهي! يسوع مسيح تمام جلد اسان کي من موھيندڙ جاءِ تي وٺي وڃڻ لاءِ واپس اچڻ وارو آهي.

اِهو مُمڪن آهي تہ توهين دنيا ۾ اهڙن انسانن جي پويان لڳل آهيو جن کي پاڻ بہ خبر نہ آهي تہ حشر واري ڏينهن هنن سان پاڻ ڇا ٿيندو؟ پر يسوع مسيح سان گڏ هجڻ جي ڪري توهان کي ان ڳاله ۾ ڪو بہ شڪ نه ھجڻ کپي خدا تعاليٰ کان دعا گهرو تہ هو توهان کي يسوع مسيح جي سڌي رستي تي هلڻ جي توفيق ڏي. توهان هن طرح دعا گهري سگهو ٿا تہ:

اي خدا، منهنجي دل ۾ هڪ بهتر جڳھ وڃڻ لاءِ پر اميد آھي. مهرباني ڪري مون کي ۽ منهنجن پيارن کي هنن دنياوي تڪليفن کان بچائي. مون کي يقين آهي تہ باقي تمام ٿورو وقت وڃي بچيو آهي. مهرباني ڪري انهيءَ ڳاله ۾ منهنجي رهنمائي ڪر تہ جيئن آئون انهيءَ شاندار هنڌ پهچي سگهان جيڪو تو مون لاءِ تيار ڪيو آهي. آمين.

جيڪڏهن توهين بائيبل مقدس جي هڪ ڪاپي حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته مهرباني ڪري هن صفحي جي پويان ڏنل معلومات ذريعي اسان سان رابطو ڪري سگهو ٿا.

قرآن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو يوسف علي جي انگريزي ترجمي مان ڪيل.

Copyright © 2023 by Sharing Hope Publications . هن‭ ‬ڪم‭ ‬کي‭ ‬بنا‭ ‬ڪنهن‭ ‬اجازت‭ ‬وٺڻ‭ ‬جي‭ ‬ڇپائي‭ ‬۽‭ ‬ورهائي‭ ‬سگهجي‭ ‬ٿو‭.‬

آيتون‭ ‬نئين‭ ‬ڪنگ‭ ‬جيمس‭ ‬ورزن‮(‬‭ ‬مان‭ ‬سنڌيءَ‭ ‬۾‭ ‬ترجمو‭ ‬ڪيل‭. ‬ڪاپي‭ ‬رائيٽ‮)‬‭ ‬1982‭ ‬ٿامس‭ ‬نيلسن‭ ‬پاران‭. ‬اجازت‭ ‬سان‭ ‬استعمال‭ ‬ٿيل‭. ‬سڀ‭ ‬حق‭ ‬محفوظ‭ ‬آهن‭.‬

اسان جي نيوزليٽر لاءِ سائين اپ ڪريو

تازي اشاعتون ڪڏھن دستياب آھن، اھو ڄاڻڻ وارا پهريان فرد ٿيو!

newsletter-cover